خالد حسين پتافي

خالد حسين پتافي: ناليوارو فنڪار خالد حسين ولد مٺو خان پتافي، 29 مئي 1976ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو ۽ والدين سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهه عرصو دڪان تي مزدوري ڪيائين ۽ مال چاريائين. مال چارڻ دوران سندس ملاقات استاد علي احمد ڪڇيءَ سان ٿي، جنهن کان فن جي تربيت ورتائين. هن ريڊيو تي بئنجو وڄائيندڙ استاد رحمت الله کان سازن جي سکيا ورتي. ٿوري عرصي ۾ لاڙ جي علائقي ۾ فنڪار طور مشهور ٿيڻ لڳو، جنهن سبب علائقي ۾ شادين مرادين ۽ محفلن ۾ کيس گهرايو ويندو هو. 94-1993ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان وقت جي پروڊيوسر زاهد قلباڻيءَ کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. جنهن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ مٺي تي باقاعده ڳائيندو رهيو. هن وقت تائين ناز پروڊڪشن، ٿر پروڊڪشن، پارس، ماروي، شان پروڊڪشن پاران سندس 15 کان وڌيڪ ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته بهار پروڊڪشن ٻه سي.ڊيز جون سيريز پڻ جاري ڪيون آهن.خالد حسين پتافي هن وقت سنڌ جي بهترين راڳي طور سڃاتو وڃي ٿو. کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي ۽ پاڻ جهڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.05.29  عيسوي

ناليوارو فنڪار خالد حسين ولد مٺو خان پتافي، 29 مئي 1976ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڇوٽي غلام علي خان
شهنيلا علي
عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي
غلام علي سنديلو
سينگار علي سليم
ڦوٽو زرداري
اسلم راهي
رمضان علي خان
شبير شاهاڻي
پنهور عبدالله
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون